غلام سرور جتوئي

غلام سرور جتوئي

غلام سرور جتوئي

غلام سرور جتوئي: سنڌ جو مشھور ملهه پھلوان غلام سرور ولد قلب علي خان جتوئي، 1952ع ڌاري، ڳوٺ فريد خان جتوئي، تعلقي خانپور، ضلعي شڪارپور ۾ پيدا ٿيو. سندس والد جو شمار بھ سنڌ جي اھم ملهه پھلوانن ۾ ٿيندو ھو. ابتدائي، ثانوي ۽ اعليٰ ثانوي تعليم خانپور ۽ شڪارپور مان حاصل ڪرڻ کان پوءِ ھن B.A جي ڊگري حاصل ڪئي. پاڻ ملهھ جو تجربيڪار کيڏاري هو. شير ميربحر، سيد سمن شاھھ ۽ پستول شيدي سندس جوڙ جا ملهه پھلوان ھئا.غلام سرور جتوئي سنڌ ۾ ٿيندڙ ملاکڙن ۾ ھر جوڙ جي پھلوانن سان ملهھ وڙھي سوڀارو رھيو. ھن لعل شھباز قلندر، سمن شاھھ، شاھھ عبداللطيف ڀٽائي ۽ ٻين بزرگن جي ميلن ملاکڙن ۾ پنھنجي زور ۽ ھنر جا ڪرتب ڏيکاريا. پاڻ ھڪ تعليم يافتھ ملهھ ھو، جنھن شاھھ لطيف ڪاليج شڪارپور مان بي . اي ڪئي ۽ ڪاليج جي يونين جو صدر بھ ٿيو. ان کان پوءِ پنھنجي والد قلب علي جتوئيءَ کان ملهھ راند جي تربيت وٺي ميدان ۾ لٿو. ھن 1971ع ۾ ملهھ وڙھڻ شروع ڪئي ۽ جلد ئي 1972ع ۾ ٻئي جوڙ جي پھلوانن ۾ شمار ٿيو. ڪيترائي انعام، گولڊ ميڊل ۽ ٽرافيون کٽڻ بعد پھرئين جوڙ جو ملهھ بڻيو. ھن کي فقط سيد سمن شاھھ هڪ ڀيرو شڪست ڏني. تعليم يافتھ ھجڻ سبب سڀني ملهه پھلوانن گڏجي کيس ائسوسيئيشن جو جنرل سيڪريٽري چونڊيو. 1982ع کان 2011ع تائين پاڻ اِن عھدي تي رھيو. هن پنھنجي حياتيءَ ۾ جنرل ضياءُالحق، محمد خان جوڻيجي، لياقت علي جتوئي، سيد غوث علي شاهه، جنرل ايس. ايم. عباسي، محمود اي. هارون ۽ حڪيم سعيد سميت ملڪ جي اعليٰ شخصيتن کان، شاھه لطيف، سچل سرمست، قلندر شھباز ۽ ٻيا اوارڊ ۽ انعام حاصل ڪيا. ان کان علاوه هن 30 سونا ۽ 40 چانديءَ جا ميڊل، 200 ٽرافيون، 50 کان وڌيڪ شيلڊون ۽ ٻيا روڪ انعام حاصل ڪري مڃتا ماڻي. ملهه جي پھلوانيءَ ۾ کيس ‘رستم سنڌ’ ۽ ‘چيمپئن پھلوان’ جا لقب پڻ مليا. هن ملڪ کان ٻاھر به پھلوانيءَ جي عالمي مقابلن دؤران افغانستان، روس ۽ ٻين ملڪن ۾ پاڪستان جي ڪاميابيءَ سان نمائندگي ڪئي. 1994ع ۾ بلڊ پريشر سبب ملهه کي الوداع ڪيو. 4 آڪٽوبر 2011ع تي ٺيڙھي (خيرپور) جي دادن شاھھ ڳوٺ وٽ کيس قتل ڪيو ويو.


لفظ غلام سرور جتوئيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو